اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال پاڪستان ل??ءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، پوري قو?? متحد ٿي ان وبا جي خلاف جنگ کٽيندي، ان حوالي سان قو?? جي هر ماڻهو کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيترو وڌيڪ احتياط ڪيو و??ندو نقصان اوترو گهٽ ٿيندو ۽ لاڪ ڊائون سبب سڀ کان وڌ??ڪ معاشري جا غريب ۽ ڪمزور طبقا متاثر ٿيا آهن، رليف فنڊ مان حاصل ٿيندڙ سموري رقم انهن جي امداد تي خرچ ڪئي ويندي، امير ۽ سرندي وارو طبقو ان مشڪل وقت ۾ اڳتي اچي، احساس پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ شفاف پروگرام آهي جنهن جي فنڊز جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي هاڻي اسان کي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، ننڍن دڪانن، ڪاروبار ۽ تعميرات کي کولڻو پوندو، تعميرات جو شعبو ٻين صنعتن ل??ءِ به محرڪ جو ڪردار ادا ڪندو جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن وقت دنيا کي هڪ وڏو بحران درپيش آهي تنهن هوندي به مون کي يقين آهي ته ان کانپوءِ پاڪستان وڌ??ڪ مضبوط ملڪ طور اڀرندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي احس??س ٽيلي ٿون ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملڪ جي مختلف چينلز سان ل??ڳاپيل اينڪرز به ٽيلي ٿون ۾ شريڪ هئا.