اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته عالم سڳورن جي مشاورت ۽ ??هنمائي ۾ رمضان المبارڪ جي لاءِ حفاظتي تدبيرن تي ٻڌل لائحه عمل جوڙيو وڃي، وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب اها هدايت هن مذهبي معاملن واري وزير ن??ر الحق قادري سان ڳالهائيندي ڏني جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي.