اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??واڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪرونا جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوام ج?? تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملازمن جي لاءِ حڪ?? جاري ڪري ڇڏيا آهن، 50 سالن کان وڌيڪ نزلي، زڪام ۾ ورتل ملازم گهر ۾ ويهي سرڪاري معاملا اڳتي وڌائيندا. ٻن هفتن جي لاءِ نادرا، پاسپورٽ اينڊ اميگريشن، سي ڊي اي جي ون ونڊو، آفيسن ۾ ٻارن جي لاءِ ڊي ڪيئر سينٽرن سميت ٻين سڀني اهڙن شعبن کي بند ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??واڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي عوام ج?? تحفظ ۽ سلامتي اسان جي اولين ترجيح آهي.