اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت هيٺ سياسي، معاشي ۽ عوامي رليف بابت صورتحال جي جائزه اجلاس ۾ چيو آهي ته ا??ان حڪومت ڪرڻ نه پر نظام بدلائڻ آيا آهيون، نظام مان ڪرپشن جي مڪمل خاتمي تائين احتساب جو عمل ڀرپور طريقي ??ان جاري رهندو، ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، احتساب جو عمل منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪشمير مسئلو ا??ان جي اولين ترجيح آهي، پهرين کان 5 فيبروري تائين سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين جي حما??ت ۾ تقريبون منعقد ٿينديون، 5 فيبروري تي حڪومت، پارٽي، قوم ۽ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي سرڪاري ۽ نجي سطح تي ڪشمير ??ان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي ??ان ملهائينداسين ۽ ڀارتي انت??اپ??ند چهري کي بي نقاب ڪنداسين. وزيراعظ?? جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سياسي، معاشي ۽ عوا?? جي رليف ??ان واڳيل قدمن ۽ مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ صوبائي حڪومت کي آن بورڊ وٺندي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.