ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ تباهي هوندي، جنگُون مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديون آهن، ڊيووس ?? عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي سي اين بي سي جي هيڊلي گيمبل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ جنگ ٿي ته اها تباهي آڻيندڙ هوندي، يقين ڪريو ته ايران جو تڪرار افغانستان جي مقابلي ۾ انتهائي مشڪل هوندو، وزيراعظم آمريڪا جي طرفان ڳالهين لاءِ آمادگي کي ذميداراڻو قرار ڏيندي چيو ته 19 سال گذرڻ جي باوجود افغانستان جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو ۽ ڌريون ڳالهين جاري رکڻ ۽ فائربن??ي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ به ماڻهو مري رهيا آهن، هڪ کرب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن ته ڇا آمريڪا وڌيڪ ڪنهن ٽڪر جي سٽ سهي سگهي ٿو.