مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مناسڪ حج جي ادائيگي دوران جمرات ۾ وڏي شيطان کي پٿريون ??ڻڻ ۽ ق??با??ي ڪرڻ کانپوءِ حاجي سڳورا احرام جي حالت کان ٻاهر اچي ويا. بيت الله شريف جو طواف زيارت، ايندڙ ٽي ڏينهن منيٰ ۾ قيام ۽ شيطان کي پٿريون ??ڻڻ کانپوءِ مناسڪ حج جو عمل مڪمل ٿي ويندو. عرفات جي ميدان جي مسجد نمره کان حج جو خطبو ٻڌڻ ?? رڪن اعظم وقوف عرفه کانپوءِ هڪ لک 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين سميت سڄي دنيا مان لکين حج پانڌيئڙا مزدلفه پهچي رات کليل آسمان هيٺ گذاري. مزدلفه ۾ فجر جي نماز ادا ڪرڻ ۽ سج لٿي مهل واپس منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ پهتا جتي پهرين ڏينهن هنن وڏي شيطان کي پٿريون ??ڻڻ ۽ ق??با??ي کانپوءِ وار ڪٽرايا ۽ احرام جي حالت کان ٻاهر اچي ويا. حاجي سڳورا وڌيڪ ٽن ڏينهن تائين منيٰ ۾ رهندا. بيت الله جي طواف جي زيارت ۽ ٽنهي شيطانن کي پٿريون ??ڻڻ کانپوءِ مناسڪ حج مڪمل ٿي ويندو، ٻئي پاسي سعودي عرب ۽ نار وارن ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ عيد نماز جي موقعي تي روح پرور مناظر ڏٺا ويا. ان موقعي تي مسلمان امت جي سربلندي، پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصعي دعائون گهريون ويون.