اسلام آباد – 30 – ??سمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪنڪ جي اج??اس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اج??اس ۾ م??صو??ابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، صوبائي وزيرن ۽ وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪميٽي اٽڪل 217 ارب رپين جي لاڳت سان 7 ترقياتي م??صو??ن تي غور ڪيو ۽ انهن جي منظوري ڏني. ڪميٽي سنڌ ايمرجنسي فلڊ بحالي پراجيڪٽ جي آبپاشي نظام جي دائره ڪار ۾ اضافي جي منظوري ڏني. اج??اس سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبن ۾ ايندڙ ڪاريڪ ڪورڊور روڊ انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ تي نظرثاني جي پڻ منظوري ڏني. ڪميٽي 25.4 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي واٽر سپلاءِ اينڊ سيوريج امپروومنٽ پراجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل م??صو??ي ۽ پنجاب جي اسڪولن ۾ حاضري ۽ سکڻ جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي مقصد سان ورلڊ بئنڪ جي فنڊيڊ پراجيڪٽ گريڊز جي پڻ منظوري ڏني.