اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري ??ورڊ واري وفاق?? وزير عبدالعليم خان سان ترڪيه جي ايئر لائن پيگاسس ۽ ڪاروباري ??داري هٽ اِٽ جي چيئرپرسن نور گوڪمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دلچسپيءَ جي گڏيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاق?? وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻا، دوستاڻا، تاريخي ناتا ۽ گهرا رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سان دلي رشتن ۾ ٻَڌل آهي. هن چيو ته ??سان ترڪيه سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ ٻه طرفي ڪاروباري ??رگرمين کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هٽ اِٽ ۽ پيگاسس جي چيئرپرسن پاڪستان ۾ مواصلات ۽ شهري هوابازي جي معاملن ۾ گهري ??لچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته ??رڪيه پاڪستان سان بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. هن وفاق?? وزير کي ٻُڌايو ته هٽ اِٽ ڪمپني 70 وڏين ايئر لائنز سان مارڪيٽ شيئر رکي ٿي ۽ اسان جي ڪمپني پي آءِ اي جي سڀ کان وڏي پارٽنر ۽ دنيا ۾ هوابازي جي شعبي ۾ ٽين وڏي ڪمپني آهي. وفاق?? وزير هٽ اِٽ طرفان پاڪستان ۾ بزن?? ۾ ??لچسپيءَ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان مواصلات جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي هاڪاري ??بديليون آڻي رهيو آهي، پرڏيهي ڪاروباري ??دارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ مڪمل همٿ افزائي ڪنداسين. وفاق?? وزير چيئرپرسن لاءِ پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پاران خير سگالي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. ملاقات ۾ هٽ اِٽ جي چيف آفيسر اطيله ليزي ۽ پاڪستان لاءِ ڪوآرڊينيٽر آسي غامزي به ملاقات جي موقعي تي موجود هئا.