اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صا??ق جي صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ چئني صو??ن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ?? گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلين جي اسپيڪرن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي، 10 سالن کانپوءِ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي صو??ائي اسيمبلين جي اسپيڪرن، ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي زبردست خراج پيش ڪيو.
ق??مي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٺاهيل دستاويزي فلم مطابق اسپيڪرز ڪانفرنس جي شروعات 1921ع ۾ ٿي جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تي برطانوي راڄ تحت اولهه جي جمهوريت خاص طور تي ويسٽ منسٽرز جي حڪومتي طرز سان روشناس ڪرايو ويو، ان اهم فورم کي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي پارلياماني تاريخ ۾ اهميت حاصل آهي. پاڪستان ۾ آئين سازي ۾ دير، ون يونٽ قائم ٿيڻ ۽ جمهوريت ختم ٿيڻ سبب اهم پارلياماني فورم سرد خاني ۾ هليو ويو. 1973ع ۾ متفقه آئين جي منظوري وفاقي پارلياماني جمهوريت جي راهه هموار ڪئي ته اسپيڪرز ڪانفرنس کي نئين سر فعال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس 1972ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت ٽئين آئيني اسيمبلي جي اسپيڪر فضل الاهي چوڌري ڪئي، 1973ع، 1975ع، 1976ع ۾ ترتيبوار ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ سوات ۾ اسپيڪرز ڪانفرنسز ان وقت جي ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر صاحبزاده فاروق علي جي سربراهي ۾ منعقد ٿيون، ستين ۽ اٺين اسپيڪرز ڪانفرنسز 1985ع ۽ 1986ع ۾ اسلام آباد ۾ ان وقت جي ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر سيد فخر امام جي سربراهي ۾ منعقد ٿي، نائين اسپيڪرز ڪانفرنس 1987ع ۾ ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر حامد ناصر چٺه جي سربراهي ۾ ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿي. ق??مي اسميبلي جي اسپيڪر ملڪ معراج خالد کي 10 هين ۽ 11 هين ڪانفرنس جيڪا 1989ع ۽ 1990ع ۾ ڪراچي ۽ لاهو?? ۾ ??يون، جي سربراهي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پوءِ ٽن سالن بعد ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر گوهر ايوب خان جي سربراهي ۾ 1993ع ۾ 12 هين اسپيڪرز ڪانفرنس پشاو?? ۾ ??نعقد ٿي جڏهن ته ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر الاهي بخش سومرو 1998ع ۾ مظفر آباد ۾ 13 هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي سربراهي ڪئي. پنجن سالن جي وقفي کانپوءِ ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري امير حسين جي سربراهي ۾ 2004ع ۾ 14هين ۽ 2006ع ۾ 15هين اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ 16 هين اسپيڪرز ڪانفرنس 2010ع ۾ اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سربراهي ۾ لاهو?? ۾ ??نعقد ٿي، 17 هين اسپيڪرز ڪانفرنس ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صا??ق جي سربراهي ۾ 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، هاڻي 10 سالن کانپوءِ سندس صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي.