اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسلامي ماليات ۽ اسلامي ڪيپيٽل مار??يٽ?? جي مڪمل صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪراچي ۾ ٻي اسلامي ڪيپيٽل مار??يٽ?? ڪانفرنس ۽ ايڪسپو کي ورچوئل خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ اسلامي ماليات کي هٿي ڏيڻ ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. نان بئنڪ مالياتي شعبي ۾ اسلامي ماليات جي حوالي سان ريگوليٽري ماحول جي فراهمي، شريعه گورننس فريم ورڪ ۾، شريعه ڪمپلائنس صنعتن ۽ اسلامي مالياتي خدمتن جي فراهمي جي حوالي سان به ڪميشن پنهنجو ڪردار بهترين طريقي سان ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪميشن مالياتي معلومات ۽ صلاحيت ۾ بهتري لاءِ به ڪم ڪري رهيو آهي ۽ گذريل ڏينهن ??ن حوالي سان 4 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪرڻ تعريف جوڳا آهن. اسلامي ڪيپيٽل مار??يٽ?? جي حوالي سان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن کي انهي عزم ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ سميت اسلامي ماليات ۽ اسلامي ڪيپيٽل مار??يٽ?? جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??ن حوالي سان اسڪالرز، مالياتي ??دا??ن، ريگوليٽري ??دا??ن ۽ انڊسٽري پريڪٽشنرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. جديد اسلامي مالياتي مصنوعات جي حوالي سان به ڪم ڪرڻو پوندو ت?? جيئن ماڻهن جي ضرورتن موجب انهن کي اسلامي مالياتي خدمتن جي فراهمي کي ممڪن بڻائي سگهجي.