اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف جي نما??ند??ي ڪندي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات صديق ا??فاروق جي گهر ويو ۽ وزيراعظم پاران صديق ا??فاروق جي عيادت ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف پاران صديق ا??فاروق کي گلدستو پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم کي توهان جي صحت جي حوالي سان ڳڻتي آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ توهان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ توهان کي جلد مڪمل صحت سان نوازي ۽ توهان اڳ وانگر مسلم ليگ (ن) جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪريو. سينيٽر عرفان صديقي صديق ا??فاروق جي گهرواريءَ ۽ ڌيءَ کي چيو ته اهي صديق ا??فاروق جي صحت جي حوالي سان آگ??هه رکن ۽ ڪنهن به خدمت جي ضرورت هجي ته رابطو ڪن. صديق ا??فاروق وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن ۽ صحت جي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيندي چيو ته منهنجي پاران وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف کي مبارڪ پيش ڪريو ته هن انتهائي مشڪل حالتن ۾ قوم جي ٻيڙي کي سنڀاليو آهي ۽ اڻٿڪ محنت جي ذريعي پاڪستان جي معيشت کي بهتري جي ر??هه تي گامزن ڪيو آهي. هن سينيٽر عرفان صديقي جي اچڻ تي پڻ ٿورا مڃيا.