اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي ان جي غيرقانوني ق??ضي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي اهو حملو عالم?? قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته اسرائيل جا اشتعال انگيز قدم اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ اهڪ خطرناڪ اڳڀرائي آهي. بيان موجب اسرائيل عالم?? قانونن جي کليل خلاف ورزين ۽ گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي ق??اردادن جي خلاف ورزي جاري رکي آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪري ٿو ۽ اسرائيل پاران طاقت جي ذريعي علائقي کي حاصل ڪرڻ کي رد ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي ق??ارداد 497 جي لاءِ ??نهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪو گولان جي جبلن تي اسرائيل جي جبري ق??ضي کي غيرقانوني ۽ عالم?? قانون کان مٿانهون قرار ڏي ٿو. بيان ۾ گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل سميت عالمي برادري تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيلي ڇوٽ، ان جي عالم?? قانونن جي بار بار خلاف ورزين ۽ خطي جي ملڪن جي خلاف جارحيت جي خاتمي جي لاءِ ??وري ۽ فيصلائتا قدم کڻي. پاڪستان ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ته والاريل فلسطين ۽ شام جي گولان سميت ٻين والاريل علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا کانسواءِ ??چ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.