اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهو به راندين جي شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? ٽي 20 بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائنل ۾ بنگلاديش کي 10 وڪيٽن تان هارائڻ تي ٽيم کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم فائنل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪيو آهي. صد?? چيو ته خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ تي پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. صد?? آصف علي زرداري چيو ته خصوصي رانديگرن بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. صد?? چيو ته راندين سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻي پوندي، خصوصي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صد?? پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائ??نس?? کي ڪامياب ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.