چارسده-01 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت جي سينئر آفيسر محمد صالح خان جي والد جي جناز?? نماز ۾ شرڪت ڪئي. پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن به وفاقي وزير سان گڏ هو. وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ پي آءِ او مبشر حسن محمد صالح خان ۽ سندس وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته والد جو ل??ڏاڻو وڏو سانحو آهي، والد جي لاڏاڻي سبب پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي صبر ڏي. جناز?? نماز ۾ سڌ سماءَ واري وزارت جي سينئر آفيسرن ۽ ميڊيا سان واڳيل شخص??تن به شرڪت ڪئي.