اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمورن سرڪ??ري ادارن ۾ شفاف طريقي سان خريد??ري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پر??ڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيڪ وڌندو، سرڪ??ري ادارن ۾ خريد??ري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پر??ڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ج?? صدارت ۾ پبلڪ پر??ڪيورمنٽ ۽ گ?? گورننس جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سمورن سرڪ??ري ادارن ۾ شفاف طريقي سان خريد??ري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پر??ڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيڪ وڌندو. وزيراعظم پيپرا (پي پي آر اي) ۾ سڌارا آڻي ان کي ڪنهن به قسم جي اثررسوخ کان پاڪ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورن سرڪاري پر??ڪيورمنٽس ۾ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن بشمول ڪوالٽي انشورنس يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم پر??ڪيورمنٽ جي عمل ۾ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ پر??ڪيورمنٽ ايجنسي کان هٽي ڪري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيپرا ۾ ميرٽ تي باصلاحيت، پيشيور ۽ گهربل تجربو رکندڙ ماهر مقرر ڪيا وڃن. وزيراعظم سمورن سرڪ??ري ادارن کي اي پر??ڪيورمنٽ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سرڪ??ري ادارن ۾ خريد??ري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پر??ڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا وڃن، سرڪ??ري معاملن ۾ شفافيت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيپرا آرڊيننس ۽ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن جو جائزو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهي ترميمون جلد وفاقي ڪابينا جي منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون، انهن ترميمن جو مقصد پر??ڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت ۽ انهن کي موجوده دور جي گهرجن موجب آڻڻ آهي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پيپرا بورڊ ميمبرن، ورلڊ بئنڪ ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.