اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، ??ڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، ??مارٽ فون فار آل پاليسيءَ تي ڪم جاري آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه قطر ۾ رٿيل ڪانفرنس جنهن جو عنوان ”ڊجيٽلائي??يش?? اينڊ وومن ا?? پوليٽيڪس“ سان وڊيو ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ انٽرنيٽ جي فراهميءَ سان عورتن کي ??ااختيار بڻائي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، ??ورتن جي موبائل فون، آءِ سي ٽي جي استعمال ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن جي سياست ۾ اچڻ لاءِ سماجي، معاشي رڪاوٽون آهن. ڊجيٽلائ??يش?? ذريعي عورتن کي ??ااختيار بڻائي قومي سياسي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عورتن جي ڊجيٽل اڪانومي تائين پهچ لاءِ جينڊر ڊجيٽل ڊوائيڊ پاليسيءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم فري ليپ ٽاپ اسڪيم ڊجيٽل ٽولز جي پهچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سمارٽ فون فار آل پاليسي تي ڪم جاري آهي.