اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ الجيريا جي سفير ابراهيم روماني ملاقات ڪئي. هتي جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيش??، اسٽارٽ اپس، سائبر سيڪيورٽيءَ جي ميدان ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان الجيريا سان ناتن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستا??، الجيريا جي آءِ ??ي، ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتا تمام اهم آه??، الجريا، پاڪستان جي ٽيڪ جي ميدان ۾ ??جر??ن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته پاڪستا??، الجيريا وچ ۾ اسٽوڊنٽس، اسٽارٽ اپس، انٽر پرينيوئر جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن لاءِ ??ائديمند ثابت ٿيندي. پاڪستا??، الجيريا جي نوجوانن لاءِ آءِ ٽي ٽريننگ پروگرامز جو بندوبست ڪري سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هئڻ تمام ضروري آهي. چاهيون ٿا ته پاڪستا??، الجيريا جي ٽيڪ ڪمپني??، اسٽارٽ اپس جو گڏيل سيمينار جلد منعقد ٿئي. الجيريا جي سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتن ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ترقي تعريف جوڳي آهي.