اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪستان ن??پال سان پ??هنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ نيپال جي عهدو ڇڏيندڙ ??فير تاپاس اڌيڪاري الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ن??پال سان پ??هنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هلندڙ ??ال سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيپالي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي سان پ??هنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سفير اڌيڪاري جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. سفير اڌيڪاري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ سفارتي عرصي ۾ سندس پاران ڏني ويندڙ ??مايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا جي عوام جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.