اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) ال??ڪش?? ڪميشن آف پاڪستان واضح ڪيو آهي ته پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جا اثاثا ۽ ادائگين جا مالي سال 24-2023ع بابت گوشوارا جمع ڪر??ئڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر آهي. ال??ڪش?? ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي زال، ٻارن ۽ بقايائن جا گوشوارا مالي سال 24-2023ع ڄاڻايل فارم بي، جي صورت ۾ مقرر تاريخ کان پهري?? يا 31 ڊسمبر 2024ع تائين ال??ڪش?? ڪميشن وٽ جمع ڪر??ئين. ڪالهه ال??ڪش?? ڪميشن مان جاري بيان موجب س??ڪش?? 137 جي موجب هر اڳوڻو اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبر 30 جون تائين پنهنجي زال ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جا اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا ڄاڻايل فارم بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهري?? يا 31 ڊسمبر تائين ال??ڪش?? ڪميشن وٽ جمع ڪر??ئيندو. س??ڪش?? 137 جي ذيلي شق (2) تحت ڪميشن هڪ پريس رليز ذريعي هر سال پهرين جنوري تي مقرر ڪيل تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪر??ئيندڙن جا نالا شايع ڪندو. 16 جنوري تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنوريءَ تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪر??ئيندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪندو ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪر??ئڻ تائي?? هو پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارراوئي جو حصو نه بڻجي سگهندو. جيڪڏهن ڪو ميمبر پنهنجي پيش ڪيل گوشوارون ۾ ڪنهن قسم جي غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو مرتڪب ٿيو ته ڪميشن س??ڪش?? 137 تحت گوشوارا جمع ڪر??ئڻ جي تاريخ کان 120 ڏينهن اندر ان بدعنواني جي ڏوهه جي عمل عيوض ڪارراوئي ڪندو. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايت/رهنمائي سان مقرر فارم بي ال??ڪش?? ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد، لاڳاپيل صوبائي ال??ڪش?? ڪمشنر جي آفيس، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه فارم بي ال??ڪش?? ڪميشن جي ويب سائيٽ تان پڻ ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو.