اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اپ?? ا??رڪزئي ۾ پوليو جي خاتمي جي ٽيم تي حملي جي شديد مذمت ڪندي پوليو جي خاتمي جي ٽيم تي حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پوليس اهلڪارن بهادري ??ان وڙهندي 3 دهشتگردن کي جهنم و??صل ڪيو. هن شهيد پوليس اهلڪارن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر حملي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.