اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 29 کان 30 آڪٽوبر تائين س??ود?? عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رياض ۾ منعقد ٿيندڙ فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيشن ۾ شرڪت ڪندو، ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ وزيراعظم سا?? گڏ هوندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ملڪن جي لاءِ معاشي طاقت کي ظاهر ڪرڻ، غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ هڪ پائ??دا?? مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ مڪالمي ۾ مشغول ٿيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري ٿو. هن سال جي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جو ٿيم ”انفينيٽ هورائزنز: انويسٽنگ ٽو ڊي، شپنگ ٽو مور“ آهي جيڪو عالمي سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندو جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، ماليات، صحت جي سارسنڀال ۽ پائ??دا??ي جهڙن اهم مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم جي س??ود?? ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ٻين اعليٰ س??ود?? عملدارن سان اهم ٻطرفي ڳالهه ٻولهه متوقع آهي. ڌ??يو?? پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جي وچ ۾ اقتصادي ۽ تزويراتي حص??دا??ي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ اقتصادي، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي غور ڪنديون. وزيراعظم جي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيشن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات پڻ متوقع آهي.