رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪندا، معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي ??رب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي سعودي ??رب جي شاهي ديوان جو صلاحڪار محمد بن التويجري پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهبا?? شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. پنهنجي تازي سعودي ??رب جي دوري جي دوران وزيراعظم جي خصوصي ڪوششن سان سعودي ??رب پاران پاڪستان ۾ وڌيڪ 600 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ سعودي ??رب جي سيڙپڪاري وفد جي آڪٽوبر 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري ۾ 2.2 ارب ڊالر جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم جي تازي سعودي ??رب جي دوري ۾ 600 ملين ڊالر جي اضافي سان مجموعي طور تي پاڪستان ۾ تازي سعودي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. جڏهن ته سعودي ??رب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي. سعوديه پاڪستان سيڙپڪاري منصوبن مان 5 منصوبن تي ڪم شروع ٿي تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهي. وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي به ??الهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاران سعودي ??رب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ سعودي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه به ??ئي وئي.