اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان انتهائي نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي، سي پيڪ تحت اهم قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ۽ ان تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته چين جي وزيراعظم سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، معيشت، زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاع جي ??عبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ??زويراتي حصيداري ۽ اسان جي ??نيادي مسئلن تي مفاهمت علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جو بنيا?? آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ??ڪميل جي ??قريب جي گڏيل صدارت ??ئي ۽ اهم مفاهمت جي يادداشتن جي ??ستاويزن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ شريڪ ٿياسين جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافو ٿيندو.