اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي واقعي تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان واقعي جي پرزور م??مت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪر?? و??تي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد م??مت ڪئي ۽ مارجي ويل پ??رهيتن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون، وفاقي حڪومت شهيدن جي خاندانن جي هر ممڪن مدد فراهم ڪند??. و??يراعظم واقعي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. و??يراعظم واقعي جي رپورٽ طلب ڪر?? و??تي.