اسلام آباد – 10 – آڪٽ??بر (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? 10 ?? 11 آڪٽ??بر تي ترڪمانستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب صدر اشڪ آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ”وقت ۽ تهذيب جا گڏيل لاڳاپا – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي موضوع تي عالمي فورم ۾ شرڪت جي ل??ءِ ترڪمانستان جو دورو ڪندو، عالمي فورم جو انعقاد ترڪمانستان جي عظيم مفڪر، شاعر ۽ فلسفي مگتيمگلي فراگي جي 300هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيو پ??و وڃي. بيان موجب فورم ۾ صدر آصف علي زرداري خطي جي ل??ءِ امن، اتحاد ۽ ترقي جي قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪندو. اميد آهي ته هو فورم جي موقعي تي ترڪمان قيادت سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.