اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان آف??يق?? سفيرن پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل ملاقات ڪئ??. ان موقعي تي پاڪستان آفريقا دوستي جي موضوع تحت وڻڪاري جي خصوصي تقريب منعقد ڪئ?? وئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ آف??يق?? کنڊ جي 14 سفيرن جي آجيان ڪئ??. اها ملاقات حڪومت جي ”انگيج آفريقا پاليسي“ موجب پرڏيهي وزارت جي آفريقا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان جا آفريقا کنڊ ۾ 19 سفارتي مشنز آهن، جڏهن ته 14 آف??يق?? مشنز اسلام آباد ۾ قائم آهن. ان موقعي تي پاڪستان آفريقا دوستي جي موضوع تحت وڻڪاري جي خصوصي تقريب منعقد ٿي. وزارت جي لان ۾ وڻڪاري کانپوءِ سفيرن پرڏيهي سيڪريٽري سان گڏيل ملاقات ڪئ??. جنهن ۾ هن پنهنجي ترجيحن ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي اهم رخن جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ اسلام آباد ۾ مقرر آف??يق?? سفيرن جي تعاون کي ساراهيو. هن مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اعليٰ سطح جي سياسي لاڳاپن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين جي وچ ۾ واپار جي ماپي ۾ گذريل چئن سالن ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش موجود آهي. سلطنت مراڪش جي سفير ۽ آف??يق?? ڊپلومي??ڪ ڪور جي ڊين محمد ڪارمون ان موقعي تي مٽاسٽا جي گڏ??ل خيالن جو مو??عو فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا ۽ وڻڪاري جي بي مثال تقريب کي ساراهيو.