اسل??م آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته ڪامرس واري وزارت کي ترقي ڏيڻ لاءِ ??دم کنيا پيا وڃن، 13 ڪونسلز کي وڌائي 17 ڪيو ويو آهي. ٽوارزم، لائيو اسٽاڪ سميت سمورن ڪونسلز تي خاص ڌي??ن ڏنو پيو وڃي. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر ذيشان خانزاده جي سوال جي جواب ۾ واپاري واري وزير ڄام ڪمال چيو ته 2025ع جي ٽيڪسٽائل پاليسي تي ڪم هلي رهيو آهي، ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي ا??ته??ئي اهميت حاصل آهي. هن چيو ته اسان مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، موجوده صورتحال مشڪل آهي، اسان کي انٽرنيشنل مارڪيٽ تي ڏياڻ ڏيڻو آهي. هن چيو ته حڪومت مثبت اثراتن قدمن سان ٽيڪسٽائل جي شعبي کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌي??ن ڏئي رهي آهي.