لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر م??مد اسحاق ڊار لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم دولت مشترڪه سان پاڪستان جي وابستگي ۽ پا??يدار ترقي جي ايجنڊا ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس (CAYA) سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي حمايت تي ٿورا مڃيا. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان جي دوري دوران ملندڙ مهمان نوازي کي ياد ڪندي پاڪستان سان موسمياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي مسئلن تي تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ساموآ ۾ دولت مشترڪه سربراهي ا??لاس کان اڳ گڏيل ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم ناليواري پاڪستاني مصور اجاب ??ان جي پيٽنگ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ کي پيش ڪئي.