لنڊن – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪ برطانيا حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۾ 1.7 ملين برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار لارڊ چ??نسلر ۽ برطانيا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار جسٽس شبانه محمود ??ان ڳالهائيندي ڪيو. شبانه محمود ??ن عهدي تي مقرر ٿيندڙ پهرين مسلمان عورت آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار لارڊ چ??نسلر شبانه محمود کي سندس تاريخي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس ڪاميابي سمورن مسلمانن خاص طور تي پاڪستانين جي لاءِ فخر جوڳي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته هو لارڊ چ??نسلر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خصوصي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. هن لارڊ چ??نسلر کي گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. لارڊ چ??نسلر شبانه محمود مبارڪباد واري پيغام تي نائب وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته متحرڪ پاڪستاني برطانوي ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.