لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار برطانيا جي نائب وزيراعظم ۽ هائوسنگ، ڪميونٽيز ۽ لوڪل گورنمينٽ بابت سيڪريٽري آف اسٽيٽ انجيلا ريز سان ملاقات ڪئي، نائب وزيراعظم برطانيا جي سرڪاري تي دوري آهي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار برطانوي نائب وزيراعظم کي سندس مقرري تي م??ارڪباد ڏني. ان موقعي تي نائب وزيراعظم سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار ٻطرفي ۽ علائقائي ڊومينز ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مضبوط پاڪستان – برطانيا حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي تعاون ۽ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز جي پاڪستان جي دوري کي ساراهيو. نائب وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي لاءِ عالمي امداد کي م??حرڪ ڪرڻ جي لاءِ برطانيا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ٻنهي حڪومتن جون گڏيل ترجيحون آهن. نائب وزيراعظم پاڪستاني برآمدات تائين برطانيا جي م??لسل ڊيوٽي فري پهچ کي پڻ ساراهيو. برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز نائب وزيراعظم سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي غيرمستقل ميمبرشپ جي چونڊجڻ تي م??ارڪباد ڏني. برطانوي نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ٻرٽش پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جو اعتراف ??يو.