اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن خميس 5 سيپٽمبر تي ملھاي?? ويندو. ھر سال سڄي دنيا ۾ خيرات ۽ عطيي سان ماڻھن جون حياتيون بچائڻ ۽ بھتري آڻڻ، بيمارين خلاف جھاد، ٻارن جي تحفظ ۽ ھزارين ماڻھن کي اميد ڏيڻ ۾ مدد ملندي آھي. عطيي جي اھميت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن 2012ع ۾ اھو ڏينھن عالمي سطح تي ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ھو جنھن بعد ھر سال باقاعدگي سان اھو ڏينھن ملھاي?? ويندو آھي. ھن ڏينھن کي 5 سيپٽمبر تي ملھائڻ جو ھڪ مقصد اهو به آهي ته اهو مڌر ٽريسا جو 5 سپٽمبر تي وفات جو ڏينھن پڻ آھي. جنھن پنھنجي سڄي ڄمار خير جي ڪمن لاءِ وقف ڪئي ھئي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد مخ??لف خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ آھي. عالمي ڏينھن جي موقعي تي مخ??لف تقريبون منعقد ٿيڻ ذريعي خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي شامل ڪرڻ جي ترغيب ۽ آگاھي سميت سڄي دنيا ۾ خيراتي ڪمن جي مسئلن کي نمايا ڪي?? ويندو آھي ته جيئن اسرندڙ ملڪن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ھنن ڪمن کي وڌ کان وڌ هٿي ڏئي سگهجي. ھڪ تحقيق مطابق هر ملڪ خاص ڪري اثرندڙ ملڪن کي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي صورتحال سبب غربت جھڙين چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. اھو ئي سبب آھي ته گڏيل قومن جي سمورن م??مب?? ملڪن تي زور ڀري?? ويو آھي ته اهي خيراتي تنظيمن ۽ ماڻھن جي ڪوششن ۾ پنھنجو حصو وجھن ته جيئن غربت جي عالمي مسئلن کي منھن ڏنو وڃي.