اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو گهري ثقافتي ۽ مذهبي اهميت رکندڙ جڳهه تي هڪ سنگين حملو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??مت??ز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو حملو عالمي قانون جي پڻ واضح خلاف ور??ي آهي. هن چيو ته هٿياربند تڪ??ار جي صورت ۾ ثقافتي ملڪيتن جي تحفظ جي لاءِ 1954ع جي هيگ ڪنوينشن تحت مذهبي جاين کي نشانو بڻائڻ واضح طور تي منع آهي. هن چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري جي اترئين حصي ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل تازي وڏي پئماني تي فوجي دراندازي تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اهو حملو چوٿين ج??يو?? ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي هڪ ٻي واضح خلاف ور??ي آهي جيڪو والاريل علا??قن ۾ شهرين کي بنا فرق جي نشانو بڻائڻ کان منع ڪري ٿو.