اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وفاقي وزير معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن جو بنياد علائق??ئي ۽ عالمي مسئلن تي هم آهنگي آهي. وفاقي وزير سمورن شعبن ۾ ??اڪ چين لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ کي ساراهيو. هن چيو ته اهي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀل??ئي تي مرڪوز ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزير موجوده ٻطرفي مڪينزم جهڙوڪ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ، قونصلر مشاورت ۽ ده??تگردي جي خاتمي بابت مشاورت کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان علائق??ئي ۽ عالمي فورمز تي ده??تگردي جي خلاف جن?? ۾ چين جي سفارتي ۽ مادي حمايت کي ساراهي ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته ??اڪ چين سيڪيورٽي تعاون علائق??ئي استحڪام جو ٿنڀ آهي. سي پيڪ کي وڌندڙ خطرن/ اچڻ جي وچ ۾ سيڪيورٽي/ انٽيلي جنس شيئرنگ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏيندي خطي ۾ استحڪام ۽ امن جي لاءِ پرعزم آهي. پرامن افغانستان پاڪستان ۽ پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. معزز مهمان علائق??ئي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن سان گڏوگڏ ده??تگردي جي خلاف جن?? ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيو.