اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حي??ر کي 53 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ وطن جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حي??ر جرئت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪندي شهادت ماڻي. پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حي??ر پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ملڪ دشمن غدارن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حي??ر جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ وطن جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. مون سميت پوري قو?? پاڪ فضائيه جي ان بهادر فرزند کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته قو?? هٿياربند فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جي ملڪ جي حفاظت لاءِ قربانين ??ي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي.