لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميرٽ ۽ شفافيت کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، حڪومت ر??ند??ن جي فروغ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي پئي، ڪرڪيٽ يا هاڪيءَ جي راند جي روشن يادن کي ٻيهر تازو ڪرڻ گهرجي، شائقين کي راند جي بهتري جي حوالي سان تمام گهڻيون اميدون واڳيل آهن، جلد ر??ند??ن جي ميدان ۾ وڃايل مقام حاصل ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار قذافي اسٽيڊيم لاهور جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پنجاب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت ر??ند??ن جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اسان جي نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، خواهش آهي ته اسان ر??ند??ن ۾ وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪنداسين. ه?? چيو ته ميرٽ کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، سڀني شعبن ۾ شفافيت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جلد ملڪ بحران مان نڪري ويندو. محمد شهباز شريف ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته 50ع کان 80ع جي ڏهاڪي تا??ين ر??ند??ن جي ميدان ۾ اسان جي ٽيمن جو راڄ هو پر بدقسمتي سان سفارشي ڪلچر، ر??ند??ن سميت ٻين شعبن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. ه?? چيو ته ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون کي خوشي آهي ته چيئرمين پي سي بي محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم جي ن??ين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر کي جديد رخن تعمير ڪرڻ جو قدم کنيو آهي. ويجهي ماضي وانگر اهو منصوبو به جلد مڪمل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف محسن نقوي کي مخاطب ڪندي چيو ته جهڙي طرح توهان قذافي اسٽيڊيم جي ن??ين سر تعمير ڪرڻ وڃي رهيا آهيو اهڙي طرح قومي ٽيم جي به ن??ين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي. ڪرڪيٽ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو وڃي. رڳو ميرٽ تي ر??ند??گرن جي چونڊ کي نظر ۾ رکيو وڃي. ڪرڪيٽ ٽيم جي ن??ين سر جوڙجڪ هڪ تمام وڏي ڪاميابي هوندي. ه?? چيو ته ٽيم ۾ ر??ند??گرن جي چونڊ ۾ ڪنهن به سفارش کي نه مڃيو وڃي ڀلي وزيراعظم به توهان کي سفارش ڪري. توهان کي رڳو ميرٽ کي ترجيح ڏيڻي آه??. ڇ?? ته سفارشي ڪلچر جي خاتمي سان ئي ڪرڪيٽ، هاڪي سميت ٻين ر??ند??ن ۾ ملڪ جو ٻيهر نالو روشن ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن ٽيم ميدان ۾ لهندي آهي ته ان جي پويان مائرن، ڀينرن، ڀائرن، جڏهن ته سڄي قوم جون دعائون هونديون آهن، شائقين جون راند ۾ بهتري جي حوالي سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل هونديون آهن. مون کي اميد آهي ته اسان جلد ر??ند??ن جي ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺنداسين.