اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زردا??ي دولت مشترڪه سان تع??ون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان دولت مشترڪه جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي تنظيم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زردا??ي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ڳالهائي رهيو هو جنهن جي قيادت ۾ ??فد ملاقات ڪئي. صدر موسمياتي تبديلي، تعليم، پارلياماني مٽاسٽا، قدرتي آفتن جي شعبن ۾ مضبوط تع??ون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پارلياماني ادارن خاص طور تي نوجوان پارليامينٽرينز ۽ شاگردن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. ملاقات ۾ پاڪستان م موسمياتي تبديلي جي اثرن تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئ??. صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين سان تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو، موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ تمر جا وڻ لڳايا ويا، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽ جي واپار سان 27 ملين ڊالر ڪمايا ويا. هن چيو ته سنڌ حڪومت 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ 20 لک پائيدار گهرن جي تعمير شروع ڪئي. سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جو چوڻ هو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سان واڳيل وڏا چئلينجز درپيش آهن. سيڪريٽري جنرل تنظيم جي پاڪستان سان متحرڪ تع??ون تي روشني وڌي. صدر 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي لاءِ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي خدمتن کي ساراهيو.