اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهزاده عبدالله بن خالد بن ترڪي بن عبدالعزيز بن ترڪي السعود جي لاڏاڻي تي سعودي فرمانروا خادم الحرمين شريفين، سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون سموريون همدرديون سعودي شاهي خاندان ۽ سعودي عوام س??ن گڏ آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الل?? تعاليٰ مرحو?? ش??زاده عبدالله بن خالد بن ترڪي بن عبدالعزيز بن ترڪي السعود کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.