اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان ا?? سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??تصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خسرو نوزيري وزيراعظم کي اي سي او جي قدمن ۽ پنهنجي مقرري دوران ا?? سي او کي بحال ڪرڻ جي پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم اي سي او کي علائقائي تعاون جي پليٽ فارم جي طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چي?? ته خسرو نوزيري پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي مان فارغ ٿيو هو جيڪا پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ا?? سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اي سي او سڌاراجاتي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چي?? ته اي سي او ويزن 2025ع ??ي اهم دستاويز تي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي سرپرستي ۾ اسلام آباد ۾ 2017ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون جيڪو اي سي او جي لاءِ هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته پاڪستان جي لاءِ اها ڳالهه به فخر جوڳي آهي ته اي سي او جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان، پاڪستان جو اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رهي چڪو آهي. خسرو نوزيري اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.