آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم خط?? جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترق?? جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان جا چئلينجز گڏيل آهن، گڏجي ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ايس سي او ترقياتي منصوبن جي لاءِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار جوڙي، افغانستان ۾ پائيدار امن اسان جو گڏيل هدف آهي، افغانستان دهشتگرد?? جي خلاف موثر قدم کڻي ته جيئن ان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، رياستي دهشتگرد?? جي مذمت ڪئي وڃي، غزه ۾ انسانيت سوز ظلم جاري آهن، ايس سي او فلسطين جي صورتحال تي آواز اٿاري، پاڪستان ايس سي او کي متحرڪ تنظيم بڻائڻ ۽ هدف حاصل ڪ??ڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل جي سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته توهان سان مخاطب ٿي خوشي ٿي رهي آهي، آستانه هڪ خوبصورت شهر آهي، بهترين مهمانداري تي ٿورائتا آهيون. گذريل هڪ سال کان ايس سي او جي چيئر جي حيثيت سان قازقستان بهترين ڪردار ادا ڪيو. ايندڙ سال 25 – 2024ع جي لاءِ صدر شي جن پنگ کي ايس سي او جي چيئرمين شپ ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ايس سي او خط?? جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترق?? جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان چئلينجز گڏيل آهن، اسان کي گڏجي ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، خط?? جي روشن مستقبل جي لاءِ اسان کي جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو. موثر ٽرانسپورٽ لنگهن ۽ قابل اعتماد سپلائي چين جي ذريعي خطي ۾ رابطي کي وڌائڻ گهرجي. پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان واپار جي اهم گذرگاهه آهي. سي پيڪ جي ذريعي ايس سي او جي علائقائي رابط?? جي ويزن تحت ترقي ۽ خوشحال?? جي منزل حاصل ڪرڻ طرف گامزن آهي. ايس سي او ترقياتي منصوبن جي لاءِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار جوڙي، ماحوليات جي تحفظ لاءِ ايس سي او جو قدم ساراهه جوڳو آهي. امن ۽ سلامتي جو قيام، معاشي ترقي، غربت جي خاتمي ۽ ماحولياتي تبديل?? جي مضر اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن جي ضرورت آهي. بيلاروس کي ايس سي او ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏيون ٿا. وزيراعظم چيو ته غربت جي خاتم?? جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ پائيدار امن اسان جو گڏيل هدف آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي. افغانستان جي عبوري حڪومت سان بامعنيٰ طور تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي ته جيئن اتان جي عوام جا مسئلا حل ٿين. افغانستان دهشتگرد?? جي خلاف موثر قدم کڻي ته جيئن ان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، رياستي دهشتگرد?? جي مذمت ڪئي وڃي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي ڀلي اها رياستي دهشتگردي هجي يا ڪنهن تنظيم يا شخص طرفان هجي، ان جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. دهشتگردي ۽ انتهاپسند?? جي خلاف گڏيل ۽ جامع قدمن جي ضرورت آهي. بيگناهه ماڻهن جون جانيون وٺڻ جو ڪو جواز نه آهي ۽ نه ئي دهشتگردي کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ ڍال بڻائڻ گهرجي. پاڪستان تعصب ۽ فرق تي ٻڌل ورڇ جي پاليسين ۽ نسلي ۽ مذهبي بنياد تي نفرت کي هوا ڏيڻ جو مخالف آهي. وزيراعظم چيو ته خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ماڻهن جي بنيادي خودمختيار?? جي حق جي لاءِ عالمي طور تي مڃيل اصولن جي احترام جي ضرورت آهي. اسلامو فوبيا جي خاتم?? جي لاءِ گڏيل قومن جي ضرورت آهي. اسلامو فوبيا ۽ لسانيت جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ قابل عمل فريم ورڪ موجود آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت حل طلب مسئلن جي حل يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. اسان کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو آهي. غزه ۾ انسانيت سوز ظلم جاري آهي. ايس سي او فلسطين جي صورتحال تي آواز اٿاري، اسرائيل جي ڏاڍ وارين ڪاررواين جي مذمت ۽ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي. فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطين جي مسئل?? جي 1967ع کان اڳ واري سرحدن جي بنياد تي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، جنهن تحت فلسطيني رياست جو قيام ٿئي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس هجي. پاڪستان هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي ميزباني لاءِ پرعزم آهي. ايس سي او ميمبر ملڪن سان تعاون پاڪستان جي پرڏيهي پاليس?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ايس سي او کي متحرڪ تنظيم بڻائڻ ۽ هدف حاصل ڪ??ڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.