شينزن – 05 – جون (اي پي پي) چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگ پا??ست??ن ۾ پنهنجي موبائيل ٺاهڻ جي يونٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ سگهه ۽ چئن شعبن موبائيل فونز جي تي??ري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، ٽرانشيئن هولڊنگز پا??ست??ن ۾ مقامي سطح تي شيون تي??ر ڪري انهن کي پا??ست??ن مان ٻاهرئين ملڪ برآمدات ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگز جي باني ۽ چيئرمين زو زائو جيانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، عطاءُ الله تارڙ ۽ مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئا. وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ چين ۾ پا??ست??ن جي سفير کي ٽرانشيئن هولڊنگز سان گڏجي جلد هڪ حڪمت عملي تي??ر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پا??ست??ن وٽ هر قسم جا وسيلا آهن، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جي نوجوان افرادي قوت آهي. ملاقات ۾ ترانشيئن هولڊنگز جي چيئرمين وزيراعظم کي ڪمپني جي پا??ست??ن ۾ موجوده آپريشنز، عالمي سطح تي ان جي برآمدات ۽ پا??ست??ن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. چيئرمين ترانشيئن هولڊنگز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جو پا??ست??ن ۾ موبائيل فونز جي تي??ري جي حوالي سان اڳ ۾ ئي هڪ يونٽ قائم آهي جنهن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پا??ست??نين کي روزگار فراهم ڪيو ويو آهي. ڪمپني پا??ست??ن ۾ موبائيل فونز جي حوالي سان پنهنجي سيڙپڪاري ۾ سگهه ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي جنهن سان موبائيل فونز جي تي??ري کانپوءِ پا??ست??ن مان انهن جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.