اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو آهي ته پا??ست??ن قطر سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هباز شريف سان قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد ??ن عبدالعزيز الخليفي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قطر پرڏيهي مملڪتي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي وزيراعطم چيو ته پا??ست??ن قطر سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پا??ست??ن قطر سان پنهنجي بهترين لاڳاپن کي گڏيل طور تي فا??دي??ند ۽ مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان حوالي سان وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي (ڪيو آءِ اي) جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پا??ست??ن چاهي ٿو ته قطر پا??ست??ن ۾ ترجيحي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌائي. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) هم آهنگي کي يقيني بڻائيندي ۽ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ??لثاني ۽ وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد ??ن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. قطري مملڪتي وزير پنهنجي استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس قطر جي قيادت جو خصوصي پيغام پهچايو ۽ قطر ۽ پا??ست??ن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري ۾ گه??ي دلچسپي جو اظهار ڪيو. قطر جو مملڪتي پرڏيهي وزير قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي خصوصي ايلچي جي طور تي پا??ست??ن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي آهي.