اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن متفقا طور سني اتحاد ڪونسل جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طر??ان چيئرمين سڪندر سلطان راجا ۽ چئني ميمبرن طر??ان متفقا طور تي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 8 فيبروري تي ٿي چڪيون آهن ۽ اهو آئين جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ويون هجن ته عام چونڊن جي 30 ڏينهن اندر صدر جو مدو پورو ٿيڻ کانپ??ءِ ان جي چونڊ ڪرڻ لازمي آهي. اليڪشن ڪميشن پهرين مارچ تي صدر جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو جنهن تحت 9 مارچ تي اليڪشن ٿي رهيو آهي. ان جي جانچ پڙتال سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کانپ??ءِ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي طر??ان چونڊ ڪالج مڪمل نه هجڻ جي موقف سان چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي جڏهن ته هن طر??ان چونڊ ڪالج جي حوالي سان ريٽرننگ ??فيسر وٽ ڪو اعتراض ن?? اٿاريو ويو، هن وقت قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليون فعال آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ پڻ ٿي چڪي آهي. ان ڪري اليڪشن ڪميشن متفقا طور تي محمود خان اچڪزئي طر??ان صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.