اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي انتهاپسندي جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته امن جي ڳولا گڏيل ذميو??ري آهي، حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ تحقيقي ادارن جي تعاون سان پ??ڪس??ان ۾ وسيع تر امن جي عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيس فلڪس انٽرنيشنل ڪانفرنس اينڊ ايوارڊز جي افتتاحي سيشن ”پ??ڪس??ان ۾ پاليسي سازي ۽ امن عمل“ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته امن جي جستجو اس??ن جي گڏيل ذميو??ري بڻجي چڪي آهي، اسان مختلف ادارن جي گڏيل ڪوششن سان گڏ بيٺل آهيون جيڪي ملڪ ۾ امن جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پ??ڪس??ان حڪومت، عالمي ادارا ۽ مقامي تنظيمون هر هڪ امن، رواداري ?? هم آهنگي جي لاءِ پنهنجو منفرد حصو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته جيئن ته اس??ن جي قوم معيشت، سياست ۽ ماحولياتي خدشن جي مُشڪل دائرن مان گذري رهي آهي، ته اهڙي ۾ سماجي امن جو تحفظ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي. قومي ۽ عالمي ٿنڪ ٽينڪس کانسواءِ امن جي تنظيمن انتهاپسندي جي مقابلي، تڪرارن جي حل ۽ ٽڪراءُ جي روڪٿام بابت گهري سوچ جي لاءِ انتهائي قيمتي تحقيق ڪئي آهي ۽ بحث مُباحثي کي آسان بڻايو آهي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز ۽ صحافي تبديلي جي طاقتور نمائندن جو ڪردار ادا ڪن ٿا، انتهاپسنداڻي نظرين کي چئلينج ڪن ٿا ۽ شموليت جي حمايت ڪن ٿا. اعتدال جي آوازن کي وڌائين ٿا ۽ مختلف ثقافتن جي وچ ۾ بحث مُباحثي جي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ انهن جو اهم بنيادي ڪردار آهي. هن چيو ته امن حاصل ڪرڻ ۾ سياسي پارٽين تي وڏي ذميو??ري لاڳو ٿئي ٿي. مفاهمت ۽ گڏيل احترام جي لاءِ سياسي اڳواڻن جي حمايت امن کي فروغ ڏيڻ ۾ سياست جي گهري اثرن کي نمايان ڪري ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) هڪ بنيادي اد??ري طور ڪم ڪري رهي آهي جيڪا دهشتگردي جي خاتمي جي ملڪ گير ڪوششن کي ٺوس بڻائي ٿي. انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ ۽ سلامتي جي تحفظ جي لاءِ ??ن جو عزم پ??ڪس??اني شهرين کي عسڪريت پسند گروپن جي خطرن کان بچائڻ جي لاءِ هڪ پختي وابستگي جو مظهر آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان معاشري ?? پائيدار امن ۽ تڪرارن جي روڪٿام جي لاءِ آمريڪي سفارتخاني اسلام آباد جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اهڙي طرح اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ خال گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايسٽ ويسٽ سينٽر پ??ڪس??اني معاشري ?? امن ۽ رواد??ري کي فروغ ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ٿو. انهن تنظيمن پ??ڪس????ن جي حساسع لائقن خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن ۾ تبديلي کي متحرڪ ڪيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آئي) هڪ پ??ڪس??اني ٿنڪ ٽينڪ آهي جيڪا ملڪ ۾ جمهوريت، گڊ گورننس ۽ امن کي مضبوط بڻائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هڪ ٻي ناليو??ري پ??ڪس??اني ٿنڪ ٽينڪ جناح انسٽيٽيوٽ امن ۽ سلامتي بابت اهم پاليسي ريسرچ، اسٽريٽجڪ تجزيي ۽ راءِ شم??ري ڪري ٿو. سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز (سي پي ڊي آءِ) امن جي تعمير جي ڪوششن ۾ شفافيت، احتساب ۽ شهرين جي شرڪت کي فروغ ڏي ٿو جيڪو هڪ هم آهنگ معاشري جي لاءِ گڏيل عزم کي مضبوط بڻائي ٿو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مختلف تنظيمن بشمول سرڪ??ري ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن (سي ايس اوز) ۽ تحقيقي ادارن جو اهم ڪردار آهي جن ملڪ ۾ امن، رواداري ?? هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي مقصد سان پاليسين ۽ پروگرامز کي فعال طريقي سان لاڳو ڪيو. هن چيو ته گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ انساني حقن و??ري وزارت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ نيشنل ايڪشن پل??ن جهڙن قدمن جي قيادت ڪئي، اهي پاليسيون تڪرارن جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم آهن، سول سوسائٽي جون تنظيمون امن ۽ سماجي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس (يو ايس آءِ پي) جهڙا تحقيقي ادارا پاليسي سان لاڳاپيل تجزياتي ڪم جي انعقاد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن جيڪي پ??ڪس??ان ۾ امن ۽ تڪرارن جي سب??ن جي بهتر حل ۾ مددگار آهن. يو ايس آءِ پي جي ڪوششن ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ، سفارتڪ??ري جي حمايت ڪرڻ، دهشتگردي جي خاتمي جي چئلينجن جو جامع انداز ۾ جائزو وٺڻ شامل آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته پيس فلڪس انٽرنيشنل ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب ۾ سڄي پ??ڪس??ان مان مختلف نسلي ۽ ثقافتي پس منظر جي امن سازن جي تعاون جو اعتراف ڪرڻ اعزاز جو سبب آهي. عالمي نمائندن خاص طور تي ايسٽ ويسٽ سينٽر جي موجودگي ۾ اسان ترقي ۽ استحڪام طرف پ??ڪس????ن جي متوازن ۽ ترقي پسنداڻي موقف جو اظهار ڪريون ٿا. تقريب قومي ۽ عالمي امن سازن جي لاءِ هڪ واضح پيغام آهي جيڪا انهن تي زور ڏي ٿي ته اهي پرامن معاشري کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل مقصد ۾ پنهنجو حصو وجهن. مرتضيٰ سولنگي چيو ته حڪومت جي ڪردار تي پنهنجو ڌيان ڏيندي گهرو، پرڏيهي ۽ انساني حقن واريون وزارتون اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون جيڪي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏين ٿيون. نيشنل ايڪشن پلان حڪومت پاران تيار ڪيل هڪ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ، فوجد??ري نظام انصاف کي مضبوط بڻائڻ ۽ مدرسن کي منظم ڪرڻ جي قدمن تي عملدرآمد ڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏي ٿو. هن چيو ته حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ تحقيقي ادارن جي تعاون سان اهي پاليسي قدم پ??ڪس??ان ۾ وسيع تر امن جي عمل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪن ٿا، اهي تڪرارن جي سببن بابت اس??ن جي سمجهه وڌائين ٿا، تڪرارن جي روڪٿام ۽ حل ۾ مقامي صلاحيتن کي مضبوط بڻائين ٿا، پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ انقلابي منصو??ن جي حمايت ڪن ٿا ۽ متنوع گروهن جي وچ ۾ بحث مُباحثي کي فروغ ڏين ٿا. انهن گڏيل ڪوششن جي ذريعي پ??ڪس??ان هڪ وڌيڪ پرامن، روادار ۽ هم آهنگ معاشري طرف گامزن آهي.