اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 2024ع جون عام چونڊ??ن ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪست??ن جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڪامياب چونڊون منعقد ٿيڻ تي پوري قوم جا ٿورا مڃان ٿو، آئون اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، نگران صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، چونڊ عملي، ميڊيا ۽ انهن سمورن ادارن ۽ ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هي اهم موقعو نه رڳو اس??ن جي جمهوري عمل جي استحڪام ۽ مضبوطي پر پاڪستاني عوام جي ناقابل تسخير جذبي جو پڻ ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪست??ن جي عوام جي شرڪت ۽ جوش ??ن جمهوري عمل جو سنگ بنياد رهيو آهي، ووٽرن جو وڌيڪ ٽرن آئون اس??ن جي ملڪ جي مستقبل جي لاءِ عوامي عزم جو واضح اشارو آهي. هن چيو ته ووٽ جي ذريعي راءِ جي حق جي اظهار سان اس??ن جي جمهوريت مضبوط ٿيندي ۽ ??ن جي لا??ِ پاڪستاني عوام تحسين مستحق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪجهه واقعن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، ايل اي اي، سويلين ايڊمنسٽريشن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪست??ن ج??ن ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پنهنجي فرضن سان انهن جي اڻٿڪ وابستگي چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام مشڪلاتن کي منهن ڏيندي غيرمعمولي همٿ ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، دهشتگردي جي تازون واقعن جي باوجود عوام جو جذبو ۽ چونڊ عمل ۾ انهن جي شرڪت اس??ن جي ملڪ کي عدم استحڪام ۾ آڻڻ جي لاءِ سرگرم قوتن جي خلاف هڪ طاقتور بيان آهي. هن چيو ته هي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ اس??ن جي گڏيل خواهش جي عڪاسي ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر آئون هن تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪست??ن جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين.