اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بل??چس??ان ۾ پشين جي علائقن خانوزئي ۽ قلعه سيف الله ۾ ڌماڪن جي سخت مذمت ڪندي ڌماڪن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ڌماڪن ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي ??رج?? جي بلندي ل??ءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيف سيڪريٽري بل??چس??ان کان انهن واقعن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. نگران وزيراعظم چيو ته امن امان جي صورتحال کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو، حڪومت عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي.