اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد غيرملڪي ع??ام?? دستاويزن جي ل??ءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم ڪرڻ آهي. اهو آرڊيننس پاڪستان ۾ شهرين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي سهولت ل??ءِ جاري ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آرڊيننس نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي ع??ام?? دستاويزن بابت 1961ع جي هيگ ڪنوينشن تحت پاڪستان جون ذميوا??يو?? پو??يو?? ڪرڻ آهي. ڪنوينشن ٻاهرئين ملڪ ع??ام?? دستاويزن جي استعمال ل??ءِ قانوني تصديق/ توثيق ۾ ڇوٽ فراهم ڪري ٿو. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪنوينشن سان پاڪستان جي الحاق جي منظوري ڏني هئي. اپاسٽل ڪنوينشن مارچ 2023ع کان پاڪستان جي ل??ءِ لاڳو ٿيو هو.