اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ ??ريل ۾ ڪت??ب ۽ علم جي دستيابي خوش آئنده قدم قرار ڏيندي چيو ??هي ته ملڪ ۾ ڪت??ب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آهي. هو نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم واري وز??رت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راجا مظهر حميد فائونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيشنل بُڪ فائونڊيشن ڊسليڪسيا (پڙهڻ ۾ ڏکيائي) کان متاثر ماڻهن جي لاءِ ??صوصي قدم کڻي رهي آهي، فائونڊيشن ڊسليڪسيا کان متاثر ماڻهن جي لاءِ ڪت??ب تيار ڪري رهي آهي، ڊسليڪسيا جي شڪار ٻا??ن جي لاءِ پريپ کان اٺين درجي تائين ڪت??ب تيار ڪيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي سال 25 – 2024ع ۾ ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن کي ڪت??ب فراهم ڪيا ويندا، فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ بريل پريس ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي رڳو 10 رپين ۾ ڪت??ب فراهم ڪري رهي آهي، ڪت??بن سان ڏسڻ کان محروم ٻا??ن جي تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي 431 اسڪولن ۾ پريپ کان اٺين درجي تائين ڏسڻ کان محروم ٻا??ن جي لاءِ ڪت??ب فراهم ڪيا ويندا، نيشنل بُڪ فائونڊيشن بريل ۾ مختلف موضوعن تي ڪت??ب ڇاپي رهي آهي، نيشنل بُڪ فائونڊيشن پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪت??بن جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر ملڪ ۾ خواندگي، ڪت??ب پڙهڻ جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.