برسلز – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو ترجيحي ب??يا??ن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار برسلز ۾ سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته يورپي يو??ين پاڪستان جو اهم حصيدار اهي، ان ڏس ۾ يورپي يو??ين پاران جي ايس پي پلس جو تسلسل انتهائي خوش آئنده آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان قدم سان يورپي يو??ين سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ ۽ سفارتي عملي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي شاندار آجيان ڪئي. نگران پرڏيهي وزير قونصلر سيڪشن سميت سفارتخاني جي مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي ??راهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير سفارتخاني ۾ رکيل ”وزيٽر بُڪ“ ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.