اسلام آباد-16 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت حج پاليسي 2024ع جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، حج پيڪيج گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ لک رپيا سستو ٿيند. حج درخواستون 27 نومبر کان 12 ڊسمبر تائين وصول ڪيون وينديون، پاڪستان جي حج ڪوٽا هڪ لک 79 هزار 210 مقرر ڪئي وئي آهي، سرڪاري اسپانسرشپ اسڪيم پهرين اچو ۽ پهرين وٺو جي بنياد ??ي هوندي، ان ۾ قرعه اندازي کان ڇوٽ هوندي، لانگ حج پيڪج 38 کان 42 ڏينهن ۽ شارٽ حج پيڪيج 20 کان 25 ڏينهن جو هوندو، ڪنهن کي مفت حج نه ڪرايو ويندو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير انيق احمد پريس ڪانفرنس ۾ حج پاليسي 2024ع جو اعلان ڪيو، هن چيو ته لانگ مارچ پيڪيج تحت ريگولر حج اسڪيم جا خرچ ڏکڻ ريجن (ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ سکر) ل??ءِ 10 لک 65 هزار رپيا، اتر ريجن ل??ءِ 10 لک 75 هزار رپيا، لانگ حج پيڪيج تحت اسپانسرشپ حج اسڪيم جا خرچا ڏکڻ ريجن ل??ءِ 3765 ڊالر ۽ اتر ريجن ل??ءِ 3800 ڊالر هوندا. لانگ حج پيڪيج مدينه ۾ 8 ڏينهن جي قيام سان گڏوگڏ 38 کان 42 ڏينهن جو هوندو، شارٽ حج پيڪيج مدينه ?? 3 کان 5 ڏينهن جي قيام سان گڏوگڏ 20 کان 25 ڏينهن جو هوندو ۽ شارٽ حج پيڪيج تحت ريگولر حج اسڪيم جي خرچن ل??ءِ 11 لک 40 هزار ۽ اتر ريجن ل??ءِ 11 لک 50 هزار روپيا جڏهن ته شارٽ حج پيڪيج تحت اسپانسر شپ حج اسڪيم جا خرچا ڏکڻ ريجن ل??ءِ 4015 ۽ اتر ريجن ل??ءِ 4050 ڊالر هوندا، هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت گذريل سال کان حج خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، سرڪاري حاجي سڳورن ل??ءِ مخصوص رنگت ۽ سڃاڻپ واريون ضروري شيون فراهم ڪيون وينديون. سعودي عرب ۾ قيام دوران لازمي استعمال ل??ءِ 7 جي بي ڊيٽا واري موبائيل سم فراهم ڪئي ويندي، حاجين جي تربيت ، ٽريڪنگ ۽ رهنمائي ل??ءِ لازمي موبائيل ايپليڪيشن جيڪا آن لائن ۽ آف لائن هڪجهڙي مفيد هوندي، ڪراچي ايئرپور?? تان ويندڙ حج پانڌيئڙن کي روڊ ٽو مڪه پروجيڪٽ ۾ شامل ڪيو ويندو جڏهن ته لاهور ايئرپور?? تان ويندڙن ل??ءِ به ان پروجيڪٽ ۾ شموليت متوقع آهي. حج پانڌيئڙن جي ر??ءِ جي روشني ۾ 20 کان 25 ڏينهن جي مختصر حج پيڪيج به جاري ڪيو پيو وڃي، مدينه منوره ۾ 8 ڏينهن جي قيام سان گڏوگڏ 3 کان 5 ڏينهن جي مختصر سهولت به ڏني وئي آهي ۽ مختصر قيام جا خرچ به گهٽ رکيا ويا آهن، هن چيو ته پاڪستان جي حج ڪوٽا هڪ لک 90 هزار 210 آهي، سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن ل??ءِ ڪوٽا جي ورهاست جي شرح 50 سيڪڙو ۽ هر هڪ اسڪيم ل??ءِ 89 هزار 605 سيٽون مختص ڪيون ويون آهن، سرڪاري حج اسڪيم جي اسپانرشپ ۾ 25 هزار سٽيون مختص آهن جڏهن ته پرائيويٽ اسڪيم جي ڪل ڪوٽا جو اڌ حصو 44803 اسپانسرشپ ل??ءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ شموليت ل??ءِ گذريل سال وانگر ٻاهرين ملڪن مان پرڏيهي ناڻو موڪلڻو پوندو. 80 سالن کان وڏي عمر جي حج پانڌئيڙن ل??ءِ مددگار جو گڏ هجڻ لازمي آهي، گذريل 5 حج ادا ڪندڙ عورت ۽ مرد هن سال درخواست ڏيڻ جا اهل نه آهن. اسپانسرشپ وارا حج پانڌيئڙا 5 سالن جي پابندي کان آجان هوندا. هارڊ شپ ڪوٽا 500 جڏهن ته ليبر ڪوٽا 300 مختص ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن موجب عورت بنا محرم جي حج درخواستون ڏئي سگهن ٿيون، شرط اهو آهي ته حلف نامو جمع ڪرائين ته کين والدين يا ور طرفان حج جي سفر جي اجازت آهي ۽ هو پنهنجي قابل اعتماد ??ورتن جي گروپ سان حج درخواست جمع ڪرائي رهي آهي. سفر حج جي روانگي جي هنڌن جي لحاظ کان 448 سيٽون (سرڪاري ڪوٽا جو پنج سيڪڙو) ويٽنگ لسٽ تي هوندو، ڪنهن کي مفت ۾ حج نه ڪرايو ويندو، سعودي تعليم موجب ميڊيڪل مشن، حج مددگارن، مذهبي معاملن، لوڪل مددگارن تي بڌل ويلفيئر عملو مقرر ڪيو ويندو. سعودي عرب ۾ شڪايتن جي فوري ازالي ل??ءِ مانيٽرنگ ٽيمون مقرر ڪيون ويندون، حل نه ٿيڻ واري شڪايتن کي پاڪستان ۾ سي ڊي سي جي آڏو پيش ڪيو ويندو. سي ڊي سي جي فيصلن خلاف اپيلٽ ڪميٽي وٽ اپيل ڪري سگهبي، تڪاففل جي بنياد ??ي حجاج محافظ اسڪيم جاري رهندي.