تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي ص??ر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي و??پار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي و??ري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه آذربائيجان جي ص??ر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي و??پار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم آذربائيجان ايئرلائين جي پا??ستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪاروبار، سياحت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. نگران وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي ص??ر اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چئلينجز، علائقائي تعاون ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اي سي او جي اهم ڪردار ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ انساني بحران ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي تازه ترين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم آذربائيجان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلام??ي خاص طور تي ڪاراباغ جي حوالي سان پا??ستان جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.